شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي ر??انگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??يو آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حص??داري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب چين ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي سربراهه ۽ گوانگ ڊونگ صوبي جي نائب سربراهه مينگ فينلي و??يراعظم شهباز شريف سان شينزن ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مينگ فينلي و??يراعظم جي شينز اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کيس شينزن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ شينزن اچي دلي خوشي ٿي، شينزن جي حڪومت ۽ ان جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ جي گهرائي جيتري گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون تي چيني قيادت ۽ ان جي عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي ون چائنا پاليسي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، شينزن لاهور جو سسٽر شهر ۽ گوانگ ڊونگ پنجاب جو سسٽر صوبو آهي، پاڪستان چين جي ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ چين جي ترقي مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي حص??داري ۽ سيڙپڪاري سان ملڪي ر??انگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي، پنهنجي دوري جي شينزن کان شروع ڪرڻ جو مقصد شينزن جي ترقي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي مان سکڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي ر??انگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري ر??ي آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حص??داري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت ان جي نوجوان افرادي قوت آهي جيڪا ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهي، شينزن ۽ پاڪستان ۾ اها هڪجهڙائي آهي، اميد ڪريان ٿو ته شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مينگ فينلي چيو ته اميد ڪريان ٿو ته توهان جي چيني اعليٰ قيادت خاص طور تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني و??يراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ حص??داري جي فروغ جي حوالي سان لاڀائتيون ثابت ٿينديون، شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري ر??يو آهي، پاڪستان ۽ شينزن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن.
ملاقات کانپوءِ مينگ فينلي و??يراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، منصوبابندي و??رو وفاقي و??ير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي و??ير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، نجڪاري و??رو وفاقي و??ير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه پڻ شريڪ هئا.