اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪلاڊيا شين بام کي ميڪسيڪو جي پهر??ن عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهر??ن عورت صدر جي طور تي توهان جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته اها ڳا??هه فخر جوڳي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلمان دنيا جي پهر??ن عورت وزيراعظم هئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمه??ري?? ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صدر چيو ته اسان توهان جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪاميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.