شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي ??وبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم پا??ستان ۽ شانسي ??ي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شانسي ??ي قيادت ۽ عوام پاران وزيراعظم ۽ پا??ستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته شي – آن جي قيادت ۽ ان جي عوام جي پا??ستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي ??ي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ??ئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي چين جي دوري دوران پا??ستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقات رهي. وزيراعظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پا??ستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، چين پا??ستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ??ئي جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته شانسي ڪوويڊ 19 دوران پا??ستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي ??ديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مثالي نالو رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ شانسي ??ي وچ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پا??ستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان ان جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وزيراعظم کي شانسي ۽ شي – آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ته پا??ستان ۽ شانسي ??ي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، شانسي ??ي حڪومت پا??ستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي سان هر قسم جي معاونت جي لاءِ تيار آهي، توهان جي چيني قيادت سان ملاقاتون ڪامياب ۽ لاڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ته شي – آن جي يونيورسٽين ۾ پا??ستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آهي، پا??ستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وزيراعظم ۽ پا??ستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.