اسلام آباد-07 جولاءِ(اي پي پي)وزيراعظم محمد شبهاز شريف حوالدار جان محمد شهيد (نشان حيدر) کي سندس 25 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته حوالدا?? لالڪ جان شهيد انتهائي بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پ??ش ڪيو. هن چيو ته حوالدا?? لالڪ جان شهيد جي عظيم قرباني پاڪستاني فوج جي عزم ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج جي بي مثال قربانين جي عڪاسي ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته حوالدا?? لالڪ جان شهيد ۽ سندس ڪٽنب پاڪستاني قوم لاءِ فخر جو سبب آهي، وزيراعظم چيو ته عربي سمنڊ جي اونهاين کان سياچن جي سخت ٿڌ تائين ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ هر پاڪستاني سپاهي جي جذبي ۽ احساس کي سلام پ??ش ڪيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج جي ڏنل قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.