اسلام آباد – 11 – جو??ائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي چئن اسڪولن تي اسرائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غزه جي ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ اتي پناهه وٺندڙ درجنين ??ورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ سهولتن کي انڌاڌنڌ نشانو ب??ائڻ عالمي قانونن جي سنگين ??لاف ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اسرائيلي قابض فوج هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي ??رز عمل جي توهين ??و مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي ??نساني قانون جي انهن واضح خلاف ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي ??رادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عالمي ??نساني ۽ انساني حقن جي قانون جي واضح خلاف ورزين ??ي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.