اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پ??ڏي??ي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشت??رد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طا??ب تي دهشت??رد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پ??ڏي??ي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشت??رد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم عمان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي. سفير عمران علي نائب وزيراعظم کي مسقط ۾ امام بارگاهه علي بن ابي طا??ب تي گذريل رات جي حملي بابت بريفنگ ڏني. پ??ڏي??ي وزير سفير کي هدايت ڪئي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪئي ته عمان جي ا??پتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو وڃي.