اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محم??د چوڌري چي?? آهي، ته اڄ کان بلڪل پنج سال پهرين 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي سياسي ۽ آئيني صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ڏيو، ڀارت ڊگهي عرصي کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري رکي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏي?? آهي ۽ ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرقانوني طور جابراڻو ۽ غاصبانو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. انهن سمورن ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميري عوام بغير ڪنهن هٿيار جي ڀارتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو ڪري رهي?? آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام پنهنجي پرامن آزادي واري تحريڪ کي جاري رکي?? آهي، ڀارت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻا??ڻ چاهي ٿو پر ڪشميري عوام ڀارت جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري رهي?? آهي. ڪشميري عوام ڪشمير مسئلي جي حل ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني مطابق ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ واضح طور ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو ۽ ڪشمير جو فيصلو ڪشميرين جي مرضي مطابق ٿيندو پر ٻئي پاسي ڀارت پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي سيڪولر اسٽيٽ ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئڻ جو دعويدار آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ ڀارت اندر به اق??يتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ سبب بي نقاب ٿي چڪ?? آهي ڇو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۽ ڀارت اندر به اق??يتن جو قتل عام ڪري رهي?? آهي. آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي صدر بئريسٽر سلطان محم??د چوڌري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشميرين لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، هاڻي وقت اچي وي?? آهي ته اسان سڀئي گڏجي هندستان پاران رياستي دهشتگردي کي سڄي دنيا سامهون بي نقاب ڪيون. جيئن ڪينيڊا ۾ جي وزيراعظم ڀارت جي دهشتگردي کي بي نقاب ڪي?? آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻي دنيا به ڀارت کي بي نقاب ڪري رهي آهي. انهي لاءِ اسان جو اهو اولين فرض آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪشميري عوام لاءِ آواز بلند ڪيون. آزاد ڪشمير رياست جي صدر چيو ته اسان جي هيءَ جدوجهد والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي ۽ جابراڻي قبضي مان آزادي تائين جاري ۽ ساري رهندي.