اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پاڪستان جي معاشي استحڪا?? لاءِ اڻٽر آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فل??رنس رولي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زرعي ترقي بابت معاملا غور هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته زراعت جي ترقي پاڪستان جي گهڻن معاشي مسئلن جو حل آهي، زراعت ملڪ ۾ خوشحالي، غذائي تحفظ ۽ سماجي اقتصادي ترقي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. زرعي شعبي ۾ مسلسل جدت ۽ ترقي پاڪستان جي معاشي استحڪا?? لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جو ڪردار حوصلو ڏيندڙ آهي. زراعت جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت آبادگ??رن جي سهولت لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، جديد فصلن جي پيداوار جي حوالي سان آبادگ??رن جي سگهه کي وڌائڻ لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي. رانا تنوير حسين چيو ته ايف اي او زراعت جي ترقي ۽ پيداوار تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ رهنمائي مهيا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي نمائنده فل??رنس رولي چيو ته فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن پاڪستان ۾ زرعي شعبي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو، پاڪستان ۾ آبادگ??رن ۽ تحقيق ڪندڙن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.