اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد ??لمالڪي ۽ سيڪريٽري مذهبي معاملا ذوالفقار حي??ر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام ??يصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به مل??قا?? ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عا??من سان مل??قا?? به شيڊول جو حصو آهي.