اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفا??ي وزير احسن اقبال چيو آهي ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ??اه??ن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفا??ي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زراعت واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفا??ي وزير احسن اقبال چيو ته زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ??اه??ن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زراعت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته تربيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفا??ي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي ۾ تر??ي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زراعت جي شعبي جي هدف ??ي حاصل ڪيو ويندو، زراعت ۾ ر??ايتي طري??ي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.