اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ ص??بي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ ص??بي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وزير احد خان چي??ا ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزي??اع??م کي سنڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزي??اع??م کي ص??بي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ص??بي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.