اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم ج?? ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عا??م چيو آهي ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ايف سي سي سي ج?? ڪوپ 29 جي تياري جي حوالي سان ترقياتي حصي??ار?? جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماحولياتي سفارتڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي سمارٽ زراعت جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو جنهن جو شمار عا??مي سطح تي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته عا??مي ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آهن، ٻ??ڏ ۽ ڏڪار جنهن بنيادي ڍانچي ۽ روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصي??ار?? کان موثر ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن جو مقصد موافقت جي منصوبن لاءِ موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته هو موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينجز لاءِ علائقائي حل تيار ڪرڻ لاءِ بزنس 20 ملڪن سان تعاون لاءِ سرگرم عمل آهي. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو جنهن ۾ خاص ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪند?? ڪوپ 29 سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو.