اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ صنعتن، ??يداوار ۽ قومي غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين واپار واري وزارت ۾ روس جي زراعت بابت نائب وزير سرگئي ليون سان ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ خا?? طور تي زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان خيرسگالي جي جذبي طور تحفن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.