ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پ??پلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو ز??داري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي و??و آهي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو ز??داري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني ترميمن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 18هين ترميمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظ??م کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اسان کي چيو ويو ته ججن جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني ترميم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پ??هنجي رولز ذريعي پارلياماني ڪميٽي جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عو??م کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پ??هنجن علائقن ۾ پار??ي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پ??هنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.