اشڪ آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٻن ڏينهن جي دوري تي ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد پهچي ويو. اشڪ آباد ايئرپورٽ اچڻ تي صدر جو استقبال ترڪمانستان جي وزيرن جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئر??ين ۽ ڊپٽي پرائيم منسٽر بات?? امانوو ڪيو. ترڪمانستان پهچڻ تي صدر کي روايتي ماني ۽ گل پيش ڪي?? ويا. ص??ر ترڪمانستان جي قومي شاعر مخدوم گلي فراگي جي 300 هين سالگرهه جي مناسبت سان ٿيندڙ عالمي فورم کي خطاب ڪندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران ترڪمانستان جي سينيئر قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو.