اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چي?? آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خطرو آهي پر عالمي سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ ??يان ۾ هن چي?? ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ ??عاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چي?? ته هن وقت وطن عزيز جنهن نازڪ دور ما?? گذري رهيو آهي ان ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ??وچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چي?? ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چي?? ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ ??هم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ??يندڙ نمائندن جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.