راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي ?? دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ با??ت معاملن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ بيلاروس جي خدمتن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عسڪري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خ??اهش جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مُک ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خ??اف جنگ ۾ سندن پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي ساراهيو.