اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ تربيلا ڊيم جي تعمير کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي 50 روپين جي ماليت جي ي??دگار ٽ??ي?? جاري ڪئي آهي. يادگار ٽپال ٽِڪلي جي افتتاح واري تقريب واپڊا ھائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن جو خاص مھمان واپڊا چيئرمين انجينئر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ھو. پاڪستان پوسٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل (آپريشن) رضوان جاويد ھاشمي ي??دگار ٽپال ٽِڪلي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن يادگار ٽپال ٽِڪلي جاري ڪرڻ تي پاڪستان پوس?? جا ٿورا مڃيا. ھن چيو ته تربيلا ڊيم پاڪستان جي انجينئرنگ جي صلاحيتن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي عزم جو سٺو ثبوت آھي. يادگار ٽپال ٽِڪلي ان شاندار منصوبي لاءِ ھڪ مناسب خراج تحسين آھي. اھا ڳالھه اھم آھي ته تربيلا ڊيم جيڪو 1974ع ۾ مڪمل ٿيو ھو 50 سالن کان پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ سماجي ترقي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.