بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چ??ني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائونگ چيو آهي ته چ??ني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم مثال آ??ي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي مفادن ک?? فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جو عڪاس آهي ۽ اهو 11 سالن کانپوءِ چين جي وزيراعظم جو پهريون دورو هو، دوري دوران لي چيانگ پاڪستاني حڪومت، پارليامينٽ ۽ عسڪري قيادت سان وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. چ??ني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ موجب ان دوري جا ٽي اهم مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن ۾ هڪ سال جي اندر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف سطحن تي حڪومتي رابطن ۽ مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان گڏيل لاڳاپن ک?? سگهه ملي آهي. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، عسڪري قيادت سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبي ۾ وڌيڪ ويجهي تعاون جي امڪانن ک?? وڌايو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ”هر دور جي دوستي“ هڪ منفرد ۽ مضبوط تعلق جي عڪاس آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آ??ي، انهن لاڳاپن جو بنياد گڏيل اعتماد، احترام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم لي چيانگ جي پاڪستان جي دوري جو مقصد به انهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ وسعت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان پنهنجي تازي اعليٰ سطحي رابطن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ” هر دور جي دوستي“ کي نئين توانائي ۽ قوت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ انهن لاڳاپن ک?? اعليٰ سطح تي فروغ ڏنو پيو وڃي. چين پاڪستان سان لاڳاپن ک?? پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ اهم ترجيح جي طور تي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته پاڪستان چين سان لاڳاپن ک?? پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو جيڪي پاڪستاني معاشري جي سمورن طبقن ۾و سيع پئماني تي تسليم ٿيل آ??ي. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو سي پيڪ تحت ٿيندڙ اهم ترقياتي اڳڀرائي جي علامت آهي، اهو ايئرپورٽ نه رڳو خطي ۾ بنيادي ڍ??نچ?? جي بهتري جو مظهر آهي پر ٻطرفي تعاون جي ڪاميابين جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازي دهشتگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ چ??ني شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي ڏوهارين ک?? پڪڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان خاطري ڪرائي ته ملڪ ۾ موجود چ??ني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل حفاظت جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن ک?? تيز ڪيو ويندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون جي ماحول کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر حفاظتي قدم کڻي، ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي خلاف پنهنجي زيرو ٽالرنس جي موقف جي تصديق ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته پاڪستان چ??ني شهرين ۽ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي قدمن ک?? وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي تي سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ حفاظتي قدم شامل آ??ن. چين به پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيتن ک?? بهتر بڻائڻ جي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ان تعاون جو مقصد نه رڳو گڏيل تحفظ کي يق??ني بڻائڻ آهي پر علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي حمايت پڻ حاصل ڪرڻ آهي.