اسلام آباد -21 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ 2024ع اهم سال آهي، جتي اسان پنهنجي ??ستقبل جي رُخ جو تعين ڪري سگهون ٿا، انهي لاءِ ڀروسي جوڳي ۽ معياري ڊيٽا جي ??راهمي اڻٽر آهي ته جيئن اسان صحيح فيصلا ڪري سگهون ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب ۾ دنيا جي ??ين ملڪن سان قدم سان قدم ملائي هلي سگهون، معاشي ميدان ۾ ترقي لاءِ اسان کي پاليسين جي تسلسل ۽ ??ست??ڪام جي اشد ضرورت آهي، لانگ مارچ ۽ مظاهرن سان ملڪ اڳيان نه وڌندو پر اسان کي مستقل مزاجي ۽ درست رخ ۾ پاليسي سازي ذريعي اڳيان وڌڻو پوندو ته جيئن ملڪ جي ??عيشت کي مستحڪم ۽ ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فيسٽ 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر، رٿابندي وارو سيڪريٽري اويس منظور، وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي ??مائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هو??ڊر?? شرڪت ڪئي. هن چيو ته هي درست آهي ته اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي تبديلي جي رفتار تاريخ ۾ بي مثال آهي. تختي کان وٺي فائيو جي تائين جو سفر اسان جي ??يڪنالاجي جي ??يدان ۾ ٿيل اڳڀرائي جو بهترين مثال آهي. ان انقلاب جو بنياد ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي آهي، جيڪو هر شعبي ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي. ڊجيٽل انقلاب ۾، ڊيٽا اهو ٻارڻ آهي جيڪو ترقي جي گاڏي کي اڳيان وڌائي رهيو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجيز جي ترقي ۾ ڊيٽا جو معيار تمام اهم آهي ڇو ته ڪنهن به اصول يا نظام جي ڪارڪردگي ان ڊيٽا جي درستگي ۽ معيار تي ٻڌل هوندي آهي. هن چيو ته هي منهنجي ??اءِ بيحد خوشي ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ مان پاڪستان جي ??هرين ڊيٽا فيسٽ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهيان. هي تقريب اسان جي ??لڪ ۾ ڊجيٽل ترقي جي ??ڪ نئين باب جي شروعات آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هي ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ??يدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اڄ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جيڪا انساني تاريخ جي سڀ کان تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي. اسان اهي ماڻهو آهيان جن تختي تي لکڻ جي زماني کان وٺي فائيو جي جي تيز ترين ڪنيڪٽيويٽي تائين جو سفر پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان 24 سال کان پوءِ 2047ع ۾ پاڪستان جي 100 سالن واري آزادي جو جشن ملهائڻ جي تياري ڪري رهيا هونداسين، ته اسان جي ترقي ۽ ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊيٽا جو هوندو، هي اهو دور هوندو جڏهن معيشت، حڪومتي پاليسيون ۽ عوامي ڀلائي سڀئي ڊيٽا جي صحيح ۽ اثرائتي ??ست??مال سبب هوندا. ڪنهن به قوم جي ترقي جي ??ٺيان گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جون مسلسل ۽ مضبوط پاليسيون هونديون آهن جيڪي ان جي ترقي جي راهه کي هموار ڪنديون، اسان کي به اهڙي پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، جيڪو ڊگهي مدي وارو هجي ۽ تسلسل سان عملدرآمد ذريعي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. هن چيو ته اسان هن وقت ايندڙ پنج سالا منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ سالن ۾ ملڪ جي ??عيشت ۽ سماجي ترقي جي بنياد کي مضبوط بڻائي سگهجي. جڏهن مان 2014ع ۾ ٺاهيل ويزن 2025 جو مطالعو ڪيو ته اها ڳالهه سامهون آئي ته ان وقت به اسان اهي چئلينجز ۽ مسئلا لکيا هئا جيڪي اسان کي اڄ درپيش آهن. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جون پاليسيون اثرائتون هئڻ باوجود ان جي تسلسل ۾ رڪاوٽون آيون. جنهن سان ترقي جو سفر متاثر ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته اڄ هتي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جيڪو ان ڊيٽا جي طاقت ذريعي پنهنجي ??ستقبل جي راهن جي تعين جو عزم رکي ٿو. اسان جي ??وجوانن کي اهي صل??حيتون پيدا ڪرڻ گهرجن ته هو ڊيٽا جو صحيح ??ست??مال ڪري سگهن، ته جيئن هو فيصلا سازي ۽ مسئلن جي حل ڪڍڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته نوجوانن وٽ اهو موقعو آهي ته هو ان ڊجيٽل دور جي طاقت کي ??ست??مال ڪندي پاڪستان کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃن. هاڻي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا ايندڙ 24 سال ويڙهه ۾ ضايع ڪنداسين يا پاڪستان کي 2047ع تائين ٽريلين ڊالرز معيشت بڻائن جو عزم تي ڪاربند هونداسين، اسان کي پنهنجو وقت وڃائڻ بدران ان کي هاڪاري طريقي سان ??ست??مال ڪرڻو پوندو، ته جيئن اسان پنهنجا هدف جلد حاصل ڪري سگهون. هن چيو ته تازو ئي ٽي چار ڏينهن اڳ اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس جي ??يزباني ڪئي ۽ دنيا اڳيان پاڪستان جو هڪ هاڪاري رخ پيش ڪيو، اهو اسان جي صل??حيتن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي، ته اسان پنهنجي ??اڪاري توانائين کي ??ست??مال ڪندي پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو جنهن جي ترقي ۽ صل??حيتن کي دنيا مڃيندڙ هجي، اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان گڏجي اڳيان وڌنداسين ته ڪا به رڪاوٽ اسان جي ترقي جي راهه ۾ نه ايندي، هن چيو ته اڄ جي ??وجوانن ۾ اها صل??حيت موجود آهي ته هو 2047ع تائين پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ بلند مقام ڏيارين. هن چيو ته اسان کي وقت سان گڏ تبديل ٿيڻ جي صل??حيت پيدا ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان هن ڊجيٽل دور جي تيز رفتار ترقي جو ڀرپور فائدو کڻي سگهون. نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجي علم کي عملي ميدان ۾ لڳائين ۽ تخليقي سوچ سان گڏ مسئلن جو حل ڪڍن. ان ئي رستي تي ??لن??ي اسان نه رڳو پنهنجي ??لڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهنداسين پر دنيا ۾ هڪ بلند مقام به حاصل ڪري سگهنداسين.