اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??دڙ هيلٿ ورڪرز کي حقيقي هيروز قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان کي متحد ٿي نئين سر ڪوششن کي يقيني بڻائڻو پوندو، پوليو فري پاڪستان جي ڏس ۾ درپيش چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريندي 28 آڪٽوب?? کان پوليو جي خاتمي جي قومي مهم جي باضابطا شروعات پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏي??هن ان تلخ حقيقت سان ملهائي رهيا آهيون ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جا ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان سڀ ان بابت آگاهي جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ان لعنت ۽ صحت جي عالمي چئلينج جي خاتمي لاءِ اسان ک هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان گڏجي ان جنگ ۾ ڪاميابي تائين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ماضي ۾ به ان حوالي سان ڪم ڪيو هو ۽ مستقبل ۾ به ڪنداسين. اسان کي ان راهه ۾ درپيش چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پختي عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي تمام جلد پوليو جي مرض کان پاڪ ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏي??هن اسان کي تاريخ ۾ ا??هن لکين ٻارن جي ياد به ڏياري رهيو آهي جيڪي پوليو جي مرض جو شڪار ٿيا ۽ بعد ۾ پنهنجي خاندانن تي بار بڻجي ويا، هي ڏي??هن اسان کي ان مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيهر وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ياد پڻ ڏياري رهيو آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي عالمي ادارن خاص طور تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته پوري قوم پوليو جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ حقيقي هيروز کي ساراهي ٿي، ا??هن هيروز انتهائي مشڪل حالتن ۾ پنهنجون حياتيون هٿيلي تي رکي پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر اسان جي ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جي لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنهري لفظن ۾ لکي ڇڏيو. پوليو ورڪرز قوم جا مجاهد هيروز آهن ۽ پوري قوم ا??هن کي ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو جا 40 ڪيسز سامهون آيا آهن، اسان ان وقت تائين سُک سان نه ويهنداسين جيستائين اهو وائرس پاڪستان جي سرحدن تان هلي نه ٿو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي، پوليو ورڪرز ان جو هر اول دستو آهن. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس سان ملاقات ۾ هن پاڪستان جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪرڻ جو عزم ڪيو، سعودي عرب به ڪيترن ئي سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي ج??هن تي اسان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پوليو وائرس پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ آهي، اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ۽ چئلينج به آهي، آئون سمجهان ٿو ته پوليو کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي لاءِ اسان کي تيزي سان ۽ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رض?? فاروق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اسان هن ڏي??هن کي ا??هن ورڪرز جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي جن پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??ا آهن، اسان ا??هن ڪارڪنن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ ذيلي مهم دوران 33 ملين ٻارن کي ڦرا پياريا ويا، 28 آڪٽوب?? کان نئين مهم ۾ 45 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويندا ان مهم ۾ 4 لک پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هن چيو ته پوليو کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون گڏيل ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن ۽ عزم ۽ معاون ادارن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم پوليو جي خاتمي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪ??دڙ ڪارڪنن ۽ هيروز جي گهرڀاتين ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ورڪرز کي شيلڊز پڻ ڏنيون.