راولپنڊي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جنرل اليگزينڊر وي فومين گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن?? ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽ?? سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف روس سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين مختلف سيڪيورٽي ۽ دفاعي ش??بن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪرنل جنرل فورمين دهشتگردي خلاف پاڪستاني فوج جي ڪاميابين کي ساراهيو ۽ انتهاپسندي خالف عالمي برادري جي متحد ۽ گڏيل سهڪار تي ٻڌل حڪمت عمي جي اهميت تي زور ڀريو.