اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي)ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش بڻائڻ لا??ِ ڪوشسون ڪري رهيا آهيون. سينيٽ اجلاس ۾ عبدالشڪور اچڪزئي، ضمير گهم??و، دنيس ڪمار، ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جو پ??هن??و بورڊ آهي جنهن ۾ آئين ۽ قانون تحت ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، ڪا ڪوٽا ناهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي ملازمن جو انگ 3367 آهي، بلوچستان کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ناهي ڪيو ويندو، اشتهارن ۽ شارٽ لسٽنگ کانپوءِ ميرٽ ۽ شفافيت تحت ڀرتيون ٿينديون آهن، ميرٽ تي ڀرتين سان ادارا ترقي ڪندا، آئين ۽ قانون تي عمل ڪنداسين، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش بڻائڻ لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.