اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حا??ت تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حا??ت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ??ه انهن مان ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ غيرانساني حا??تن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ پرهجوم قيدين وارن سي??ز ۾ قيد ڪرڻ، علاج جي ضروري سهولتن کان انڪار ۽ مناسب ڪارروائي کانسواءِ مسلسل حراست ۾ رکڻ شامل آهي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو ??ه اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي سمورن سياسي قيدين، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي خلاف هٿ ٺوڪيا الزام ختم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪن. هن چيو ??ه پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ بلوچستان ۾ ڀارتي سرگرمين تي پڻ خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ??ه بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ??ه ڪجهه سال اڳ هڪ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ڀارت پاران پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پڻ ردعمل ڏيندي چيو ??ه پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرڪيٽ تي ڪا به بيڪ ڊور ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.