اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ويو آھي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي ويهڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪ??دو. ان کان سواءِ ناڻي وارو وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪ??دو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي موضوع تي منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿي??دو. ناڻي وارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪ??دو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿي??دو. ناڻي وارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ ف??ر ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿي??دو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ ل??ڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي وارو وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمياتي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀري??دو. ناڻي وارو وزير پنهنجي تقريرن ۾ موسيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياري??دو. برابري، حصيداري سان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو وي??دو. وطن واپسي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪ??دو.