اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن رابطن کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي ??ضبوط بڻائڻ، گڏيل واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي ??اد??اشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنهنجي وفدن جي ق??اد?? ڪئي. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو اهو مرحلو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس آهي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي مڪمل اسپيڪٽرم سان گڏوگڏ اهم عل??ئق??ئي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي مل??ن جي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي ??ضبوط بڻائڻ خاص طور تي ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌائڻ جي لاءِ ٻنهي مل??ن جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر لوڪاشينڪو پاڪستان – بيلاروس لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن باقاعده اعليٰ سطح تي ملاقاتن ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي ??اد??اشتن (ايم او يوز) تي صحيحن جو پڻ مشاهدو ڪيو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ اهم شعبن ۾ ويجهي تعاون کي ??روغ ڏيڻ آهي. اهي معاهدا ۽ ايم او يوز ماحولياتي تحفظ، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، حلال واپار، آڊٽ ادارن، مالياتي انٽيلي جنس شيئرنگ، ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون سان لاڳاپيل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ 2025 – 2027ع جي لاءِ ٺوس تعاون جي روڊ ميپ تي اتفاق ٿيو جنهن تحت اعليٰ سطحي اجلاسن، بين الحڪومتي ڪميشنن ۽ هدفن جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي ??ڌائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان فريم ورڪ جي ذريعي گڏيل تعاون جي قدمن، عل??ئق??ئي اقتصادي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ڌرين ٻطرفي اقتصادي تعاون ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ گهربل قانوني فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. بيلاروس جي صدر پاڪستان جي وزيراعظم جي لاڳاپن کي ??ئين بلندين تي وٺي وٺڻ جي عزم کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بيلاروس جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن سان ٻنهي مل??ن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. وزيراعظم سندس دعوت قبول ڪندي چيو ته سندس ان دوري دوران مفاهمتي ??اد??اشتن کي ??عاهدن جي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي ??دايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ جلد کان جلد ضروري قدم کڻن.