اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قزاقستان جي علائقي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي ج??از کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين ??ي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ?? پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي ج?? اظهار ڪن ٿا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي سفارتخاني ويو ۽ آذربائيجان جي سفير سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاقستان جي علائقي اڪٽائو ۾ آذربائيجان جي هوائي ج??از کي پيش ايندڙ حادثي ۽ ان ۾ قيمتي جانين ??ي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن زخمين ??ي ج??د کان جلد صحتيابي ج?? لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ?? پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام آذربائيجان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي ج?? اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل ڀائيچاري جا مضبوط لاڳاپا آهن. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف وزيراعظم جا سندس اچڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ?? وزيراعظم جو آذربائيجان جي سفارتخاني اچي افسوس جو اظهار ڪرڻ اسان جي لاءِ ??نت??ائي قابل قدر آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.