اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ناتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۾ ايندڙ سالن ۾ گڏيل فائدن جا بيشمار م??قعا موجود آهن، جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. آمريڪا به پاڪستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي. اهڙو اظهار هن چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد سان ملاقاتن دوران ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سيد طارق فاطمي به موجود هو. چين ۾ پاڪستان جي سفير م??اقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ اهم اڳڀرائي خاص طور تي ڪاروباري برادري ۽ـ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد تي تفصيلي روشني وڌي. هن اقتصادي سفارتڪاري ۽ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ معيشت ۾ اقتصادي ڀائيوارين جي وڌيڪ ضرورت آهي. سفير ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ ??ست??ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ ٿيل اعليٰ سطح جي ملاقاتن، وفدن جي مٽاسٽا ۽ معاهدن جي تفصيلن کان به آگاهه ڪي??. م??اقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريتجڪ ۽ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو ۽ ان تي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ۾ ايندڙ سالن ۾ گڏيل فائدي جا بيشمار م??قعا موجود آهن جن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. ناڻي وزير پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڌُرين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ٻه طرفن ناتن تي خاص توجهه ڏني وئي. ناڻي واري وزير، سفير کي پاڪستان جي اقتصادي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي روشني وڌي جنهن جو مقصد معيشت ۾ استحڪام آڻڻ ۽ روانگي واپار تي ٻ??ڌل اؤسر ذريعي معاشي گهٽ وڌائي کي ختم ڪرڻ آهي. هن انهن شعبن جي نشاندهي ڪئي جتي سڌارا ڪيا پيا وڃن ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزير آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو جنهن پاڪستان طرفان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ايس بي اي معاهدي ۽ ان کانپوءِ توسيع فنڊ سهولت معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير خاص طور تي آءِ ٽي روانگي واپار وڌڻ واري شعبي جو ذڪر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آمريڪا سان ڊجيٽل روانگي واپار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ اهم امڪان موجود آهن. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل خدمتن جي شعبن ۾ واپار وڌائڻ جي روشن امڪانن کي اجاگر ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن کي اقتصادي ناتن مان فائدو پهچي سگهي ٿو. عهدو ڇڏيندڙ سفير آمريڪا ۽ـ پاڪستان وچ ۾ مضبوط ۽ دير تائين رهندڙ ناتن جي تعريف ڪئي ۽ ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو ته سندس ملڪ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن ۽ ترقي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکند??. م??اقات جي پڄاڻي خوشگوار انداز ۾ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان ملاقات ۾ گورنر پاڪستان جي مالياتي ڍانچي کي ??ست??ڪم ڪرڻ لاءِ جاري ۽ منصوبا بندي وارن قدمن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. هن پرڏيهي مٽاسٽا جي شرح کي ??ست??ڪم ڪرڻ ۽ پرڏيهي پرڏيهه مان آيل ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي اجاگر ڪيو. بئنڪنگ جي شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ان جي ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار به تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي جنهن ۾ ڌُرين ان شعبي جي اقتصادي ترقيءَ ۾ معاونت ڪندڙ اهم ڪردار کي تسليم ڪي??. م??اقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي پرڏيهه اُماڻيل ناڻي جي رفتار کي وڌيڪ وڌائڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي طرفان ان اهم ذريعي کي وڌيڪ ??ست??ڪم ڪرڻ لاءِ تعاون جي ??زم جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ وچ ۾ مسلسل سهڪار جي اهميت آهي ته جيئن اقتصادي استحڪام ۽ جٽادار ترقي حاصل ڪري سگهجي. ملاقات جي پڄاڻي ان ??زم سان ٿي ٻئي ادارا هڪٻئي سان گڏجي پاڪستان جي اقتصادي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندا رهندا.