ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? م??مد شهباز ش??يف ايف بي آر جي فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو ۽ ڪسٽمز اسيسمنٽ نظام جو جائزو پڻ ورتو. وزير??عظ?? م??مد شهباز ش??يف ان موقعي تي موجود آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزير??عظ?? جديد نظام جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي بابت پڇيو. وزير??عظ?? م??مد شهباز ش??يف ان خودڪار نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزير??عظ?? م??مد شهباز ش??يف جي هدايت تي ڪسٽمز ڪليئرنس جو هي نئون نظام ڪراچي پورٽ تي قائم ڪيو ويو آهي، نئين نظ??م سان ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ان ۾ شفافيت جي عنصر کي فروغ مليو آهي، ڪسٽمز ڪليئرنس جو گهٽ ۾ گهٽ وقت 15 کان 20 منٽ ۽ وڌ کان وڌ وقت 19 ڪلاڪن تي اچي چڪو آهي. ڪسٽمز جو فيس ليس اسيسمنٽ سسٽم يعني بنا چهري تشخيصي نظام ايف بي آر جي سڌاراجاتي منصوبي جو اهم جز آهي، ان نظام تحت بندرگاهن تي درآمد ڪندڙن ۽ تشخيص ڪندڙن ۾ سڌوسنئون رابطو ممڪن ٿيندو نه امپورٽرز کي خبر هوندي ته ڪير ان جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آهي ۽ نه تشخيصي آفيسر کي خبر هوندي ته هو ڪنهن جي سامان جي ڪليئرنگ ڪري رهيو آهي. فيس ليس اسيسمنٽ نظ??م سان ڪم جي رفتار ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آهي، ان نظام تحت استعمال ٿيندڙ سمورن ڪمپيوٽرز تي ڪنهن به طرح جي سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز استعمال نه ٿيون ڪري سگهجن، فيس ليس اسيسمنٽ نظام درآمد ڪندڙن جي سامان جي ڪليئرنس ۾ آساني جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان نظام جو مقصد وڌيڪ آسان ۽ شفاف طريقي سان سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان جديد ڊيجيٽل ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جي لاءِ ڪسٽمز جي ايماندار آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي، ان سسٽم تي ڪم ڪندڙ اسٽاف جي لاءِ کاڌي پيتي، نماز ۽ واش روم جو انتظام انهي جڳهه تي ڪيو ويو آهي جتي اهي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جڳهه تي موبائيل فون جي استعمال تي پابندي آهي، ان نظام تحت ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ گهربل وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، ڪسٽمز ڪليئرنس جي نئين نظام تحت شڪايتن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. نئون نظام ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي.