اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) حڪومت جي قانوني ٽيم ۽ وزيراعظم جي خصوصي مع??ونن آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قومي ا??ارن ۾ استحڪام پيدا ٿيو آهي، حڪومت جمهوريت، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، عدليه ۽ فوج اسان جا ادارا آهن، انهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، عدليه ڪا به سمري رد ناهي ڪئي، عدالت قانوني ن??تا اٿاريا ان جي ڏس ۾ اسان نوٽيفڪيشن ۾ تبديليون ڪيون ۽ نئون نوٽيفڪيشن عدالت تسليم ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ا??تساب بابت خصوصي مع??ون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.