اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آه?? ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آه??. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چ??و ته مودي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ??تم ڪري گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آه??. وقتي هاءِ ڪمشنر چ??و ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آه??، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آه??.