اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عا??مي سط?? تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عا??مي برادري ۽ عا??مي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عا??مي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورت??ال کي عا??مي سط?? تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي ت??اسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عا??مي سط?? تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي ت??اسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.