اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي، عالمي برادري والار??ل ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر شهرين تي بدترين ظلمن جي روڪٿام ??اءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، والار??ل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون قربانيون را??يگان نه وينديون، ڀارتي فوج کي آخرڪار ظلم ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪشميري آزادي جي صبح جلد ڏسندا. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سيمينار ??ي خطاب ڪندي هن والار??ل ڪشمير ۾ مودي پاران متعارف ڪرايل هڪ ٻئي ڪاري قانون جي سخت مذمت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميرين جي زمينن تي قبضو ڪرڻو آهي.