اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏه??ڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻ?? مقدس جاين ننڪا??ه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طرح مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي طرح سکن جي لاءِ اهي ٻ?? مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.