اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي غير ملڪي سيڙپڪارن، ملڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ا??ارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي ته جيئن اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي مان پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان اٿارٽي سا?? پاڪستان ۾ قومي انوويشن سسٽم جي فروغ ۾ مدد ملندي، ان اٿارٽي جو خصوصي ا??تيار ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هوندو، اهي زونز پاڪستان جي هاءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وزيراعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جامع ڪوششون ۽ جام?? قومي ترقي ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي ا??تعمال ۾ مدد ملندي.