اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي?? توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توه??ن جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ٿي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃ?? ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃ?? ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينشنرز کي نه بخشيو. توه??ن جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينشنرز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينشنرز ۽ جعلي ??ڪا??ونٽ ٺاهيا ويا.