اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته انتظاميه ضروري ??ين جي مقرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدر??مد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪريٽري ??ه موجود هئا. وزيراعظم کي پنجاب جي فوڊ واري ??ينئر صوبائي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ڪري ??هي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب ??وپيا سبسڊي سان جاري ڪئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اضافي ب??ر حڪومت برداشت ڪري ??هي آهي ۽ اهو اضافي ب??ر صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده خريداري ??ي نظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اضافي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي مقصد جي لاءِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وزيراعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي قيام لاءِ صوبن جي موجوده ريگوليٽري ميڪينزم جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻين جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون، وزيراعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ريگوليٽري ??ٿارٽي ايڪٽ 2018ع جي موجوده شق ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ترميمن جي ب??ري ۾ ٻڌايو ويو.