ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي لاءِ وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ترقياتي منصوبن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان مو??عي تي امن امان، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن ??ميت صوبي جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته عوام جي مسئلن ??ي حل لاءِ سڀني سياسي نمائندن کي ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.