اسلام آباد ?? 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وز??را??ظم عمران خان پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ، سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ۽ ميڊيا پارٽنرشپ سميت اقتصادي حصيداري بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. سعودي ٽي وي چينل الاخباريه سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وز??را??ظم عمران خان جو سعودي عرب جو ٽيون دورو هوندو.