پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آهي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ??ه سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان ??ي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ قانون جي سامهون غريب ۽ ا??ير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ قانون جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان ??ان گڏ ئي معاشري جي ڪمزور طبق?? کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کان ??ن لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترق?? کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوب?? کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو ??هي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور طبق?? کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان ??والي سان ڪم کي تيزي سان ??ڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ??يندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آهي، پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبق?? کي اسان ڪيئن مٿي کنيو ??هي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ??ه عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آهي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو ??هي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان ??يڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان ??ي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.