ا??لا?? آباد – 15 آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر ??لا??ي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر ??لا??ي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر ??لا??ي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر ??لا??ي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شا??ع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ ا??لا?? ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.