اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ??هي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب و??نگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغانست??ن جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ??ن جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغانست??ن جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري ??هي ته افغان عوام ۽ ??ن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀريو ته افغانست??ن جو جامع سياسي تصفيه ضروري ??هي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻ??ر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانست??ن جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغانست??ن جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر ز??نگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانست??ن جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.