اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد ??مالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سيني??ر سيف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد ??مالي وزيراعظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿ??را مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ وزيراعظم کي صوبي ۾ توانائي جي مسئلن جي تد??رڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.