اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود پراڻن مسئلن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان خودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿيڻ جي اڄ به منتظر آهي، سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ?? پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.