پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهم?? کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ ح??ومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبق?? کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي ت?? ڪيو. ان موقعي ت?? وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي ت?? خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ح??ومت جي قدمن تي ت??صيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.