اسلام آبا?? – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي سمورا ريسڪيو ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ ريسڪيو جو ??م تيزي سان جاري آهي.