اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، ان کي ڪنهن به و??ت پڪڙي سگهجي ٿو، 50 روپين جي اسٽام پيپر تي ويندڙ جي ضمانت شهباز شريف ڏني، نواز شريف لنڊن ۾ خوش باش گهمي ڦري رهيو آهي، ان وٽ جڏهن اقتدار ناهي هوندو ته ملڪ مان هليو ويندو آهي، شريف خاندان جو سڀ ڪجهه ٻاهر آهي، ملڪ ۾ اهي صرف اقتدار لاءِ ايندا آهن، سياست کي ڪاروبار بڻائيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ نه رڪجندو، پي ٽي آءِ نظرياتي ماڻهن جي پارٽي آهي جيڪا موروثي سياست تي يقين نٿي رکي، حڪومت ايس او پيز متعارف ڪرائڻ کانپوءِ مرحليوار ۽ محدود پيماني تي معاشي سرگرمين جو آغاز ڪيو، ايس او پيز کي ??ظر انداز ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون کي سخت ڪنداسين. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا سبب صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي، ڪورون?? وبا جو پاڪستان ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي، حڪومت ڪورون?? وبا جو مسلسل جائزو وٺي رهي رهي آهي، لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي ??ظر ۾ رکندي حڪومت غريب طبقي جي ??ار?? ۾ به سوچيندي آهي، هن چيو ته ڪورون?? وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي عالمي س??ح تي وڏيون معيشتون به ڪورون?? وبا جي چئلينج کي منهن نٿيون ڏئي سگهن، ڪورون?? وبا کان بنا ڪنهن فرق جي ڪو به متاثر ٿي سگهي ٿو.