اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، ??ئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪ??ئو??سل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ??ئس جي گهرج ۽ پهچ، ??ئس انفرااسٽرڪچر، ??ئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي ??ئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل ??ئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ??ئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود ??ئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.