اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ص??ار?? ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽ?? عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪا?? عبدالرزاق دائود، پ??ٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، ??قامي گئس جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.