اسلام آباد – 27 سيپٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ??له??ئي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽ??بر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي تر??ي جي عنوان سان ??له??ئي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏيل قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ??له??يو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ??له??ئڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي تر??ي جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.